ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ آسٽريليا ۽ ڀارت جي اهم ميچ دوران ڀارتي فاسٽ بالر ارشديد سنگهه تي بال ٽيمپرنگ جو الزام لڳائي ڇڏيو.
اڳوڻي چيف سليڪٽر ۽ ڪپتان انضمام الحق پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا جي ميچ جي 15 هين اوور ۾ ارشديپ سنگهه بال کي ريورس سوئنگ ڪري رهيو هو، نئون بال ايترو جلدي ريورس ناهي ٿيندو، ان جو مطلب آهي ته بال 12 هين يا 13 هين اوور تائين ريورس سوئنگ لاءِ تيار هو امپائرز کي ان شئي تي اکيون پٽڻيون پونديون.
ان موقعي تي فڪسنگ جي الزام ۾ سزا يافته سليم ملڪ انضمام کي مخاطب ڪندي چيو ته مان سدائين چوندو آهيان ڪجهه ٽيمن جي ڳالهه ايندي آهي ته اکيون بند رکيون وينديون آهن ۽ ڀارت انهن ٽيمن منجهان هڪ آهي، جيڪڏهن پاڪستاني بالرز بال کي ريورس سوئنگ ڪن ها ته ٿرٿلو مچي وڃي ها.
هن چيوته جيڪڏهن ارشديد 15 هين اوور ۾ بال ريورس ڪري رهيو آهي ته ان جو صاف مطلب آهي ته بال سان ڇيڙڇاڙ ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته ڀارت هٿان آسٽريلوي ٽيم کي 24 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو، انکانپوءِ افغانستان بنگلاديش کي هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ArshdeepSingh inzamam-ul-haq Saleem Malik T20Worldcup2024