پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي کي ٽڪ ٽاڪ تان توهين مذهب ۽ اعتراض جوڳيون وڊيوز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ۽ جسٽس شڪيل احمد ٽڪ ٽاڪ بندش لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي پي ٽي اي کان 7 ڏينهن ۾ اعتراض جوڳو مواد هٽائڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ٻڌڻي دوران بئريسٽر بابر شهزاد عدالت کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ تي توهين مذهب ۽ اعتراض جوڳو مواد شيئر ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري ان کي بند ڪيو وڃي.
جسٽس شڪيل احمد ريمارڪس ڏنا ته اهو انتهائي اهم مسئلو آهي، توهين مذهب تي ٻڌل مواد شيئر نه ٿيڻ گهرجي.
پي ٽي اي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ تي روز لکين وڊيوز شيئر ٿينديون آهن ۽ توهين مذهب تي ٻڌل مواد فوري طور هٽايو ويندو آهي پر توهين مذهب تي ٻڌل مواد شيئر ڪندڙ ڪجهه اڪائونٽ هولڊر ٻاهرئين ملڪن جا هوندا آهن، تنهن ڪري اهو ٽيڪنيڪل مسئلو آهي.
جسٽس عتيق شاهه ريمارڪس ڏنا ته ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته فائر وال ٺاهي وڃي ۽ جيئن ئي ڪو توهين مذهب تي ٻڌل مواد اچي ته ان کي بلاڪ ڪيو وڃي.
پي ٽي اي وڪيل چيو ته اسان وٽ اهڙي ٽيڪنالاجي موجود ناهي، نامناسب مواد جي نشاندهي کانپوءِ ئي ان کي ٽڪ ٽاڪ تان ڊليٽ ڪري سگهندا آهيون.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
tiktok peshawarhighcourt pta