اڳوڻي انگلش ڪپتان ڪرڪيٽر ڊيوڊ لائيڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) طرفان پاڪ-ڀارت ٽيمن کي هڪ گروپ ۾ رکڻ تي سوال اُٿاري ڇڏيو.
هڪ انٽرويوءَ دوران اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر ڊيوڊ لائيڊ چيو ته آءِ سي سي طرفان پاڪ-ڀارت ٽيمن کي ڄاڻي واڻي هڪ گروپ ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن ٻنهي ٽيمن وچ ۾ لازمي مقابلو ڪرائي سگهجي، اِهو غير منصفاڻو عمل آهي.
هن چيو ته ڪُڻا ڪڍي گروپ ورهايا وڃن ته جيئن پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ شوقينن ۾ دلچسپي برقرار رهي، جيڪڏهن هر ٽورنامينٽ جي گروپ مرحلي ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچون هونديون ته اِهو مقابلو پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو.
ڊيوڊ لائيڊ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي شيڊيولنگ ستي سوال اُٿاريندي چيو ته ميچن دوران رانديگرن لاءِ آرام جو وقت رڳو سيمي فائنل ۽ فائنل رکيو ويو آهي، ڀارتي ٽيم ۽ شوقينن لاءِ ميچن جو وقت تبديل ٿئي ٿو پر ٻين ٽيمن لاءِ ائين نه ڪرڻ غير منصفاڻو عمل آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته آءِ سي سي هڪ ٽيم کي وڌيڪ فيور ڏئي هيرا ڦيري ڪري رهيو آهي، مان اِهو نٿو چئي سگهان ته ورلڊ ڪپ ڪيئن ڪرائڻ گهرجي پر اوهان کي سوچڻو پوندو ته اِها ايمانداري آهي يا نه؟
ICC BCCI T20Worldcup2024