لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد وسيم کي قومي وومينز ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، قومي وومينز ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف کي به تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ محمد وسيم کي هيڊ ڪوچ جون ذميواريون سونپيون ويون آهن.
پي سي بي موجب، تبديلي تحت اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالرحمان اسپن بالنگ ڪوچ ۽ جنيد خان اسسٽنٽ ڪوچ هوندو جڏهن ته حنيف ملڪ کي فيلڊنگ ڪوچ ۽ حنا منور کي وومينز ٽيم جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته محمد وسيم 2020 کان 2022 دوران قومي سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين جو ذميواريون پڻ نڀائي چڪو آهي.
ايشيا ڪپ جي تيارين لاءِ ڪراچي ۾ وومينز ٽيم جي ڪئمپ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڪئمپ ۾ 28 پليئرز حصو وٺندا جڏهن ته ان دوران ٻه پريڪٽس ميچون پڻ کيڏيون وينديون.
وومينز ايشيا ڪپ 19 کان 28 جولاءِ تائين دمبولا سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو جتي پاڪستان وومينز ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 19 جولاءِ تي ڀارت خلاف کيڏي ويندي.
PCB MohammadWasim Pakistanwomencricketteam