دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنلز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا ٻئي سيمي فائنل سڀاڻي 27 جون تي کيڏيا ويندا.
ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽرينڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾ صبح ساڍي پنجين وڳي کيڏيو ويندو.
پهرئين سيمي فائنل لاءِ رچرڊ الينگ ورٿ ۽ نتن مينن آن فيلڊ امپائر هوندا جڏهن ته رچرڊ ڪئٽلبرو ٽي وي امپائر ۽ احسن رضا فورٿ امپائر جون ذميواريون نڀائيندو.
عالمي ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل سڀاڻي گيانا دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ شام ساڍي ستين وڳي ٿيندو.
ان ميچ ۾ ڪرس گيفني ۽ روڊني ٽڪر آن فيلڊ امپائر هوندا جڏهن ته جوئل ولسن ٽي وي امپائر ۽ پال رائفل فورٿ امپائر جون ذميواريون سرانجام ڏيندو.
T20Worldcup2024 ICC Semifinals