فوتگين جو ڪارڻ لوڊشيڊنگ ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪارروائي ٿيندي :گهرو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران اوچتو ڪيترن ئي ماڻهن جي فوتگين جو سبب بجلي جي لوڊشيڊنگ ثابت ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ۽ آفيسرن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. ضياءَ الحسن لنجار گذريل ڪجهه ڏينهن دوران شهر ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي اوچتو فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهڙن واقعن جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته موت جا سبب ڪهڙا آهن؟ هن چيو ته انڪوائري ۾ جيڪڏهن بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ثابت ٿيو ته ذميواري ڪي اليڪٽرڪ تي عائد ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.