عدت ڪيس جو فيصلو محفوظ، سڀاڻي ٻڌايو ويندو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن عمران خان ۽ بشرا بي بي جي عدت ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو 27 جون تي ٻڌايو ويندو. اسلام آباد جي  ضلعي ۽ سيشن عدالتن جي جج افضل مجوڪا عمران خان ۽ بشرا بي بي جي عدت ڪيس ۾ سزا معطلي ۽ مرڪزي اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ خاور مانيڪا جي وڪيل زاهد آصف دليل ڏنا. زاهد آصف سزا معطلي جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته عدالت کي ڏسڻو آهي ته اپيل ڪندڙن جو ڪيس سزا معطلي جو آهي يا نه؟ درخواستگذار جي وڪيلن خاور مانيڪا لاءِ ڪوڙو لفظ استعمال ڪيو، عدالت کي ڏسڻو آهي ته مفتي سعيد، خاور مانيڪا، عمران خان ۽ بشرا بي بي مان ڪير ڪوڙو آهي؟  ، وڪيل چيو ته انٽرويو جي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، ان ئي انٽرويو ۾ خاور مانيڪا جي پٽ چيو ته پي ٽي آءِ باني بشرا بي بي سان شادي ناهي ڪئي، هي ڪوڙو الزام آهي. ٻڌڻي دوران جج افضل مجوڪا خاور مانيڪا جي وڪيل کي چيو ته درخواستگذار چون ٿا ته کين حراسان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ شڪايت داخل ڪئي وئي، ان بابت ٻڌايو، وڪيل جواب ڏنو ته نه، اهڙيون حالتون نه هيون، کيس جاچ لاءِ گرفتار ڪيو ويو هو، جج افضل مجوڪا عمران خان ۽ بشرا بي بي جي سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 27 جون تي 3 وڳي ٻڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.