ڪينيا ۾ آءِ ايم ايف ٺاهه بعد وڳوڙ، فائرنگ ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا

نيروبي (م ڊ) ڪينيا ۾ حڪومت جي تجويز ڪيل ٽيڪسن ۾ واڌ خلاف ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ 10  ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب سوين ماڻهن تخت گاهه نيروبي ۾ پارليامينٽ جي عمارت تي ڪاهه ڪئي ۽ عمارت ۾ گهڙي مختلف حصن ۾ باهه ڏئي ڇڏي. ان موقعي تي پوليس جي سڌي ريت فائرنگ ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 زخمي ٿي پيا. احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي ۽ پاڻي جون توپون هلايون، احتجاج ڪندڙن پوليس جي گاڏين تي پٿراءُ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.