گولڊ ميڊلسٽ اتقاءَ ميمڻ قتل ڪيس جو مُک جوابدارعدالت مان فرار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ هلندڙ مهيني گولڊ ميڊلسٽ نوجوان انجنيئر اتقاءَ ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مُک جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويو  آهي. پوليس موجب قتل ڪيس ۾ ظاهر نالي مُک جوابدار کي گذريل ڏينهن جيل مان پيشي جي لاءِ عدالت آندو ويو جتي جوابدار کي آخري ڀيرو 4 لڳي 19 منٽن تي عدالت مان سٽي ڪورٽ لاڪپ ڏانهن ويندي ڏٺو ويو. پوليس موجب سٽي ڪورٽ لاڪ اپ ۾ وڃڻ کان پوءِ جوابدار ظاهر غائب ٿي ويو. سٽي ڪورٽ مان جيل منتقلي جي دوران قيدين جو انگ مڪمل هو پر جيل پهچڻ کان پوءِ ڳڻپ دوران هڪ قيدي گهٽ هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار جي فرار ٿيڻ جو ڪيس سٽي ڪورٽ ٿاڻي ۾ ڪانسٽيبل اشتياق احمد جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ نامزد لاڪ اپ جي سنتري اشتياق کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ڪندي 10 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته ايس آءِ يو بلوچستان مان جوابدار ظاهر علي کي گرفتار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.