سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عهدي جو حلف کڻي ورتو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس شفيع صديقي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتوآهي .سنڌهاءِڪورٽ جي سينئر جج  جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جسٽس شفيع صديقي کي وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نئين مقرر ٿيل وقتي چيف جسٽس جي حلف برداري جي تقريب سنڌ هاءِڪورٽ ۾ ٿي جڊيشنل  ڪميشن آف پاڪستان جي سفارش تي قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جسٽس شفيع صديقي کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آھي.حلف برداري تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  جسٽس جنيد غفار ، جسٽس اقبال ڪلهوڙو ، جسٽس ظفر راجپوت ، جسٽس عمر سيال ، جسٽس راشد خان ، جسٽس عدنان الڪريم ،جسٽس راشده اسد سميت ٻين ججن .سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ، ڪراچي بار ، ملير بار جا صدر ۽ سينئر وڪيلن ، رجسٽرار سنڌ ھاءِ  ڪورٽ ، سيڪريٽري سنڌ ھاءِ ڪورٽ  سميت عدالتي عملي شرڪت ڪئي . جسٽس عقيل عباسي سپريم ڪورٽ جي جج مقرر ٿيڻ کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 40 ججن جي جاءِ تي 31 جج مقرر آهن. جڏهن ته 9 ججن جون جايون خالي پيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.