عادل راجا ۽ صابر شاڪر سميت 6 يوٽيوبر ۽ صحافين جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تشدد ۽ ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ اشتهاري هئڻ تي يوٽيوبر عادل راجا، شاهين صهبائي، معيد پيرزاده، صابر شاڪر، حيدر مهدي ۽ وجاهت ايس خان جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ ۽ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي لکت ۾ جوابدارن عادل راجا، شاهين صهبائي، مايا پيرزاده، صابر شاڪر، حيدر مهدي ۽ وجاهت ايس خان جي منقول ۽ غير منقوله ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت نادرا چيئرمين کي جوابدارن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي جي ڊي جي کي به جوابدارن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت حڪمن تي عملدرآمد بابت 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.جوابدارن خلاف پراسيڪويشن جي شاهدن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا آهندهشتگردي ٽوڙ عدالت سمورن لاڳاپيل کاتن کي 10 جولاءِ تائين عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت  ڪئي آهي.  واضح رهي ته عادل راجا، شاهين صهبائي، معيد پيرزادو، صابر شاڪر، حيدر مهدي ۽ وجاهت ايس خان خلاف ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۽ تشدد تي مجبور ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.