غوثپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

غوثپور ( ن ع آ )  غوثپور ڀرسان ڳوٺ ميرواهه ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ اوڳاھي ۽ تيغاڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو،  اوڳاهي ۽ تيغاڻي  برادري  جي ٻن ڌرين ۾ چوپايو مال جي ڦر تان هڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني ، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 35 سالن جو نوجوان غلام سرور تيغاڻي مارجي ويو، مقتول جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.