عزم استحڪام آپريشن ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ٿيندو:خواجا آصف

لاهور (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ آپريشن عزم  استحڪام جو طريقيڪار واضح ٿي ويندو  ، آپريشن تي اتفاق ٿيڻ کانپوءِ  ان جي خصوصيتن تي به اتفاق ڪيو ويندو ،  لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آپريشن عزم استحڪام  تي بحث  ڪرايو ويندو، ٿيندو، ان لاءِ بيوروڪريسي ۽ ميڊيا جو سهڪار به ضروري آهي، ان آپريشن تي اتفاق راءِ ايوان ۾ پيدا ڪيو ويندو، هن چيو ته 3 پارٽيون ووٽ بينڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسٽينڊ وٺي رهيون آهن پر هن وقت ووٽ بينڪ لاءِ نه پر ملڪ لاءِ اسٽينڊ وٺن،  بچاءَ واري وزير چيو ته گذريل آپريشن ۾ لڏپلاڻ ٿي هئي، هي آپريشن انٽيليجنس بنيادن تي ٿيندو، رد الفساد ۽ ضرب عضب کانپوءِ امن قائم ٿيو هو، پر اها لهر طالبان کي واپس آڻڻ ۽ آباد ڪرڻ بعد آئي آهي، دنيا ۾ امن ٿي چڪو آهي ، نيٽو جون فوجيون واپس ويا آهن پر اسان اڃان تائين وڙهي رهيا آهيون. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ان آپريشن ۾ آباديون خالي نه ڪيون وينديون، آپريشن جو طريقيڪار ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ڪيو ويندو، جيڪڏهن آپريشن تي اتفاق ٿيو ته ان جي خصوصيتن تي به اتفاق ڪيو ويندو، صوبن کي مالي سهڪارڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جا سياسي مقصد ناهن ،اسين ملڪ مان  دهشتگردي جو خاتمو چاهيون ٿا، آپريشن بابت خدشن ۽ سوالن جا جواب ڏنا وڃن، ڪي پي جي وڏي وزير به ان آپريشن جي دٻيل لفظن ۾ حمايت ڪئي آهي.  بچاءَ واري وزير چيو ته هو ڳالهين لاءِ افغانستان به ويا آهن، ڪابل حڪومت به تعاون جو اظهار ڪيو آهي پر ڪو به ٺوس اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي،ان حالتن ۾ سمورن ادارن جي ضرورت پوندي، ۽ صوبا به پنهنجو حصو ان آپريشن ۾ وجهن ،  صوبن کي وڌيڪ فنڊز آهن، جيڪڏهن رينجرز کي گهرايو وڃي ته ان جو خرچ به وفاق برداشت ڪري ٿو، صوبن کي مالي مدد ڪرڻ گهرجي، اسان سميت سمورن ادارن ۾ چڱا ۽ خراب عنصر موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.