شهيد جان مهر قتل ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿيو، ٻڌڻي ملتوي

سکر (رپورٽر ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي 28 جون تائين ملتوي، جوابدار ڌر جي  وڪيلن جي مهلت سبب جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 28 جون تائين ملتوي ڪئي وئي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج عبدالرحمان قاضي رٽائرڊ ٿيڻ بعد ٻيهر مقرر ٿي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ، عدالت ۾ فريادي ڪرم الله مهر، شاهد آصف مهر، شاهد مهر ،وڪيل سهيل احمد کوسو، ياسين جتوئي پراسيڪيوٽر ۽ واسطيدار پيش ٿيا عدالت ۾ جوابدار ڌر وڪيلن سميت پيش ٿي  عدالت ۾ جوابدار ڌر جي وڪيلن جي مهلت سبب جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو ٻن جوابدارن رمضان شيخ ۽ شيرو شيخ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي پڻ 28 جون تائين ملتوي ڪئي وئي، اي ٽي سي ڪورٽ جو جج عبدالرحمان قاضي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر سکر مقرر ٿي آيو آهي اي ٽي سي ڪورٽ جي جج عبدالرحمان قاضي مٿان فريادي ڪرم الله مهر پاران ڪيس ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي 317 ڏينهن گذرڻ باوجود شهيد صحافي جان محمد مهر جا مک قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ نامزد شيرو مهر، جمن مھر، گلزار مھر، روشن مهر، نصير مهر، قربان مھر، محسن مهر، روپوش ڪچي ۾ گهمي رهيا آهن  10 مهينا گذرڻ باوجود شهيد صحافي جان محمد مهر سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.