اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پ پ سڄي ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ آپريشن عزم استحڪام جي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ عزم استحڪام جو معاملو غور هيٺ آيو، جنهن ۾ پ پ قيادت ۽ ميمبرن خدشن باوجود آپريشن جي حمايت جو فيصلو ڪيو. پارلياماني پارٽي گڏيل طور عزم استحڪام آپريشن جي حمايت ڪئي، جڏهن ته پ پ حڪومت کي آپريشن جي حوالي سان پنهنجي خدشن کان به آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ قيادت واضح ڪيو ته عزم استحڪام آپريشن تي ڌرين کي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي خدشا آهن، پ پ جي خدشن تي حڪومت ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي خاطري ڪرائي. ذريعن موجب پ پ قومي سطح جا فيصلا مشاورت سان ڪرڻ جي خواهشمند آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني قدمن جي حمايت ڪري ٿي، ڇو ته ملڪ ۽ عوام پهرئين ڏينهن کان پ پ جي پهرين ترجيح آهن.