اڳوڻي وفاقي وزير عباس آفريدي پاران ن ليگ کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان

لاهور(بيورو+م ڊ ) مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عباس آفريدي به ن پارٽي کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.عباس آفريدي باقاعدا استعيفيٰ صوبائي صدر 7 جنرل سيڪريٽري احسن اقبال جي نالي موڪليو.ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته ذاتي مصروفيات جي بنا تي سياست ڇڏي رهيو آهيان ۽ ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار نه ڪندس.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف قوم سان جيڪا شڪايت ڪئي هئي اها صحيح هئي، سينئر قيادت نواز شريف سان وفا نه ڪئي، مسلم ليگ ن جي قائد وٽ هاڻي ڪا ايگزڪيوٽو ناهي جو هو ڪجهه ڪري سگهي.عباس آفريدي شڪايت ڪئي ته آپريشن عزم استحڪام جي مامري تي مون کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، معيشت جي بحالي جو پلان ڏنو پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.