ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان ۾ پوليو جو نئون ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي ۾ هلندڙ سال پوليو جي ڪيسن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي ، بلوچستان ۾ پوليو جو هڪ نئون ڪيس سامهون آيو آهي، صوبي ۾ هلندڙ سال پوليو جي رپورٽ ٿيل ڪيسن جو انگ 5 ٿي ويو آهي.صحت کاتي جي ذريعن موجب بلوچستان ۾ پوليو جو نئون ڪيس قلعه عبدالله مان سامهون آيو آهي، جتي 18 مهينن جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. هن سال اڳ به قلعه عبدالله مان پوليو جو هڪ ڪيس سامهون آيو هو. نئون ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ بلوچستان ۾ هلندڙ سال پوليو جي ڪيسن جو انگ 5 ٿي ويو آهي، هلندڙ سال جي شروعات ۾ بلوچستان جي علائقي ڊيرا بگٽي، چمن، قلعه عبدالله ۽ ڪوئيٽا مان پوليو جا ڪيس سامهون آيا هئا. پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جو هي ڇهون ڪيس آهي، ان کان اڳ سنڌ ۾ پوليو جو هڪ ڪيس سامهون آيو هو. ياد رهي ته بلوچستان سال 2022 ۽ 2023 ۾ پوليو کان پاڪ صوبو هو، جڏهن ته ان کان اڳ صوبي ۾ 2021 ۾ پوليو جو هڪ ڪيس سامهون آيو هو. بلوچستان ۾ 2020ع ۾ پوليو جا رڪارڊ 26 ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 2015ع کان وٺي بلوچستان ۾ پوليو جا 59 ڪيس سامهون آيا آهن.