اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته آئين مقدس آهي، ان تي عمل ڪرڻ آپشن نه لازمي آهي.سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان به ڊڪٽيٽر جا اٽارني جنرل رهي چڪا آهيو، مان ان وقت وڪالت ڇڏي ڏني هئي. هن ڪنهن جو نالو کڻڻ بنا چيو ته ڪو ڊڪٽيٽر اچي ته سڀ وزير ۽ اٽارني جنرل بڻجي ويندا آهن، جمهوريت ايندي آهي ته سڀ ماڻهو ڇريون ڪڍي وٺندا آهيون. چيف جسٽس چيو ته آئين ۾ ڏنل اصول واضح آهي ته اسان ڇو نوان طريقا ڪڍي وٺندا آهيون؟ آئين مقدس آهي، ان تي عمل ڪرڻ آپشن نه لازمي آهي، تاريخ جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته مڪمل طور ڪيو. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته عوام جي حقن کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني وئي. درخواستگذارن پاران اسان کي ٻڌايو ويو ته اهم درخواستون التوا ۾ آهن. حامد رضا پاڻ کي سني اتحاد جو اميدوار ظاهر ڪيو، جي ائين آهي ته پوءِ اها جنرل سيٽ هوندي. هن ريمارڪس ڏنا ته اڄ به آئين تي عملدرآمد نه پيو ٿئي، اسان کي حقيقت کي منهن ڏيڻ بدران منهنجو مٿو ريتي ۾ نه دٻائڻ گهرجي، سڀ ا هو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڄڻ اسان ماضي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان کي ماضي جون غلطيون تسليم ڪرڻ گهرجن.