اسلام آباد(م ڊ) ايف آءِ اي اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا جي ويجهي مائٽ صابر حميد کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 27 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايف آءِ اي مني لانڊرنگ سرڪل اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا جي ويجهي مائٽ عزيز صابر حميد عرف مٺو کي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ 27 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صابر حميد خلاف مني لانڊرنگ جي انڪوائري 2023ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي. ايف آءِ اي صابر حميد کي گذريل ڏهن سالن ۾ سرڪاري کاتن جي زمينن جي وڪرو ۽ ملڪيتن جو رڪارڊ پيش ٿيڻ وقت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.