قلات (م ڊ) بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو جو چوڻ آهي ته قلات ضلعي جي علائقي اسڪولڪو ۾ سڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ 2 ايف سي جوان شهيد ٿي ويا. هن بي بي سي اردو کي فون تي ٻڌايو ته حملي آورن جو مقصد ايف سي اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ هو پر ان کي ناڪام بڻايو ويو آهي. واضح رهي ته پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي ان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. مير ضياءُ الله لانگو جو چوڻ هو ته ان کان اڳ به قلات ضلعي جي علائقي خالق آباد ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ تي حملو ڪيو ويو هو. ان کان پوء، اٽڪل 40 کان 50 حملي آورن اسڪولڪو ۾ ٻيو حملو ڪيو.
-
آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي بحث ۾ آمهون سامهون ٿيندا
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن ۽ ري پبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ پهريون صدارتي بحث 27 جون تي ٿيندو. آمريڪي چونڊن لاءِ سي اين اين تي ٿيندڙ صدارتي بحث (ڊبيٽ) 90 منٽن تي مشتمل هوندو، جنهن ۾ آمريڪا جي هاڻوڪي صدر جوبائيڊن ۽ اڳوڻو صدر ٽرمپ آمهون سامهون هوندا. جوبائيڊن ۽ ٽرمپ ان کان اڳ 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ به 2 ڀيرا بحث ۾ هڪ ٻئي جي سامهون اچي چڪا هئا. خيال رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ هلندڙ سال جي نومبر ۾ ٿيندا ۽ چيو پيو وڃي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن لاءِ ٽرمپ جو مقابلو ڪرڻ هڪ چيلينج هوندو.
-
گهوٽڪي ۾ ڊوائيز مافيا بي لغام، وظيفي مان ڪٽوتي جاري، مستحق عورتن جو احتجاج
گهوٽڪي(ت ر) گهوٽڪي جي قادرپور روڊ تي اردو اسڪول،عادلپور جي پي پي ايڇ آءِ اسپتال، علي مهر سميت جيم خاني وارن سينٽرن تي مستحق عورتن جي رقم مان ٿيندڙ ڪٽوتي کي انتظاميه روڪرائڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي، في ڪارڊ تي 5 سئو کان هزار ۽ 15 سئو روپيه به ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.ٻڌايو پيو وڃي ته سڀني سينٽرن تي مقرر ڪيل اي ڊي، تعلقي آفيسر توڙي ضلعي آفيسر به ڪٽوتي روڪرائڻ بدران خاموش ٿي تماشو ڏسڻ ۾ پورا آهن، عورتن جي شڪايتن باوجود ازالو ٿيڻ مشڪل بڻجي ويو، ان حوالي سان سينٽر تي آيل مستحق عورتن مائي اميران، مائي نظيران، مائي نصرت ۽ ٻين چيو ته ڊوائيز وارا هر ڪارڊ تي سرعام ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، انهن کي نه آفيسرن جو ڀئو آهي نه پوليس جو ڇو ته بي آءِ ايس پي پروگرام جو سمورو عملو ۽ پوليس منٿلي وٺڻ ۾ پوري آهي، مستحق عورتن معزز ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي ۽ بي آءِ ايس پي جي چيف کان نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.02
-
سنڌ جي معصوم نياڻي پريا جي آزادي لاءِ دادو ۾91 هين ڏينهن به مظاهرو
دادو(رپورٽ:غوث جهتيال) سيتا سرجڻهار فورم پاران گذريل 23 مهينن کان اغوا ٿيل سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ شروع ڪيل فورم جي جدوجهد کي 91 ڏينهن گذري ويا، فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين چيو ته پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، ٻي طرف مسافر ريل گاڏين جي بحالي لاءِ هلندڙ جدوجهد کي 519 ڏينهن گذري ويا، شاهنواز مسافر ريل گاڏي، شهباز مسافر ريل گاڏي، ذوالفقار مسافر ريل گاڏي، بزنس مسافر ريل گاڏين سميت رهيل مسافر ريل گاڏين جي بحالي لاءِ سيتا سرجڻهار فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ پروفيسر غلام مصطفيٰ سمون، ممتاز علي سولنگي، مراد علي ملاح، شهزاد علي ميمڻ، سميت ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ چيو ته ايم ايل 2 تي بند ڪيل ريل گاڏين جي بحالي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي.
-
هن ڀيري برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پلان جوڙيو آهي: نواب تيمور ٽالپر
عمرڪوٽ (ڊ ر ) پ پ ايم پي اي نواب محمد تيمور ٽالپر ضلعي ڪامپليڪس عمرڪوٽ ۾ برساتن بابت ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ۽ برسات جي اڳڪٿين کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو، اجلاس ۾ ايس ايس پي، ڊي سي عمرڪوٽ سميت مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ قدرتي لنگھن جي صفائي نه ٿيڻ، لنگھن تي قبضن، آبادگارن سان ٿيندڙ انياءُ تي آبادگارن شھرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي نواب تيمور ٽالپر چيو ته سي ايم سنڌ جي ھدايتن تي ضلعي جي آفيسرن، اين جي اوز ۽ سماج جي خدمت ڪندڙ ڌرين کي گڏ ڪري برسات ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ لائحه عمل جوڙڻ جون ھدايتون ڏنيون آھن، هن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته برساتون پون ٿيون، شھر ٻڏي وڃن ٿا عوام دربدر ٿي ويندي آھي حڪومت انھي کانپوءِ ڪم تي لڳندي آھي پر ھن ڀيري ايئن نه ٿيندو اسان پلان جوڙيو آھي ته برسات کان اڳ قدرتي لنگھن کي صاف ڪري ايمرجنسي سروس کي الرٽ ڪري پوليس سميت لاڳاپيل ادارن کي سرگرم ڪيون، پھرين آيل خطرناڪ ٻوڏ سبب عوام پريشان ضرور آھي پر ڊي سي عمرڪوٽ سمورن اي سيز کي الرٽ ڪري ڇڏيو آھي ته ھو پنھنجي علائقن ۾ گھربل شيون مھيا ڪن.02