ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان جيمس جيولري ٽريڊرس ائنڊ ايڪسپورٽرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻڻ جي ايف بي آر طرفان لڳايل 18 فيصد اضافو ڪيل ٽيڪس خلاف پريس ڪانفرنس. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيئرمين حبيب الرحمان، اختر ٽسوري، وائس چئرمين فرحان ٽسوري ۽ ٻين چيو ته ايف بي آر جي ٽيڪس پاليسي سبب پاڪستان مان سون جي زيور ٻاھر ويندڙ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رھيو آھن جنھن سبب پاڪستان مان ٻاھر ويندڙ سون جو ڪاروبار 4 مھينن کان بند آھي، ان جي ڪري سون جي واپارين ۽ بھترين سون ٺاھيندڙ ڪاريگر روزگار کان متاثر ٿي رھيا آھن، وفاقي وزير تجارت ۽ ناڻي واري وفاقي وزير سون جي سيلز ٽيڪس ۾ ٻاھر ملڪ کپائڻ تي يقين ڪرايو ويو ته ٽيڪس نه وڌايو ويندو پر ان تي بجيٽ ۾ عمل نه ٿيو جنھن سبب ڪيترائي سون جا واپاري شارجا ۾ پنھنجو ڪاروبار ڪرڻ تي مجبور آھن ۽ ٻيا سون واپاري به وڃڻ لاءِ سوچي رھيا آھن ڇوته اتي انھن کي ھر قسم جون سھولتون موجود آھن. ھنن وڌيڪ چيوته ڊبليو ٽي او جي قانون موجب پاڪستان ٻاھران ايندڙ خام مال تي ٽيڪس نه ٿو لڳائي سگھي، ھي معاملو ڊبليو ٽي او جي پليٽ فارم تي اٿاري سگھجي ٿو. ھنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد سون جي زيورن جي ايڪسپورٽ لاءِ ايندڙ مال تي سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس جو لاڳو ٽيڪس ختم ڪري رليف بحال ڪيو وڃي.