گرمي سٽيل عوام لاءِ سڀاڻي کان برسات جي اڳ ڪٿي

اسلام آباد (م ڊ) موسميات کاتي سڄي ملڪ ۾ 26 جون کان پهرين جولاءِ تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. 26 جون کان عربي  سمنڊ ۽ بنگالي نار مان چوماسي هوائون ملڪ ۾ داخل ٿينديون، 26 جون کان پهرين جولاءِ دوران عمرڪوٽ، بدين، ٺٽي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برسات جو امڪان آهي. ان کانسواءِ 27 جون کان پهرين جولاءِ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 26 کان 30 جون دوران بهاولپور، ملتان، خانيوال، راجن پور ۽ رحيم يار خان ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 28 جون کان پهرين جولاءِ دوران ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برساتون ٿينديون، جڏهن ته 26 کان 28 جون دوران لسٻيلا، خضدار، آواران، بارکان ۽ نصيرآباد ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ ڀارتي گجرات جي ڏکڻ ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.