قبر هڪ آهي ۽ مردا ٽي آهن، فيصلو جلد ٿيڻ وارو آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي(م ڊ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جا عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد مٿان  داخل ڪيل ڪيس خارج ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي ٿاڻي موچڪو ۽ لسبيلا ۾ داخل ڪيل ڪيس خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري فيصلو ٻڌايو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد جي ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي، شيخ رشيد فيصلو ٻڌڻ لاءِ پاڻ عدالت ۾ موجود هو. شيخ رشيد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ مونکي جسٽس طارق محمود جهانگيري صاحب باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي.هن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت ٻين جوابدارن جي آزادي لاءِ نئون رستو کليو آهي. قبر هڪ آهي ۽ مردا ٽي آهن، فيصلو جلد ٿيڻ وارو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.