26 جون فقير منش ۽ درويش صفت انسان اڳوڻي ايم پي اي پڳدار حاجي منور علي عباسي جي چوٿين ورسي آهي. ڪلهھ ڪلھوڪو ڏينهن آهي وقت گذرڻ ۾ دير ئي ڪو نه ٿي لڳي.اسان جي محبوب شخصيت جسماني طور تي ته اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي پر ھن جون ڪيل خدمتون ۽ ان جون ڏنل محبتون اڄ به اسان سان گڏ موجود آهن.اھڙي شخصيت صدين سالن ۾ پيدا ٿيندي آهي.
حاجي منور علي عباسي سياستڪار سان گڏ انسان ذات سان ڏاڍي محبت ڪندڙ شخصت ھئي. جيئن ئي ھن ڦوھ جواني ۾ پير پاتو تيئن ئي سياست سان گڏ فلاح جي ڪمن کي به اھميت ڏيندو هو. ھن جي زندگي انسان ذات کي اھميت ڏيندي گذري ان جو سبب اھو ھو جو ھميشه سندس اوطاق تي عوام جا ھجوم ھوندا ھئا.حق ۽ سچ جي راھ تي ھلڻ ڪري خلوص ۽ شفقت جي بنياد تي عباسي ڪلھوڙا برادري سندس کي پڳ ٻڌرائي.
هن 1982ع ۾ عباسي ڪلھوڙا تنظيم جو بنياد رکيو جنهن جي پليٽ فارم تان فلاح جو ڪم شروع ڪيائين ھر سال اکين جي ڪئمپ لڳرائيندو ھو لاڙڪاڻي شھر جي وليد محلا ۾ تنظيم پاران ھڪ اسڪول به ھلندو آھي.هن تنظيم پاران ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن کي ڏنا.ھن ڪيترائي ادبي ۽ سماج سڌارڪ ليکڪن جا ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا. عباسي ڪلھوڙا تنظيم پاران ھر سال ھڪ ميگا پروگرام تنوير ايوارڊ پڻ ڪرائيندو ھو. پنهنجي ٽيم سان گڏ اسڪول ۽ مدرسن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ھر سال درسي ديني ڪتاب ۽ يونيفارم پڻ ڏيندو هو. راندين جي معاملي ۾ به نوجوانن کي اھميت ڏيندو هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نانءُ ھر سال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائيندو ھو.
سندس مشن کي اڄ به سندس اولاد صاحبزادن معظم علي عباسي، بئريسٽر ڪاظم علي عباسي جاري ساري رکيون پيا اچن. اڄوڪي دور جي سياست ڏاڍي ڏکي آهي پر ان کي پنهنجي وت وس آھر جنھن طريقي سان معظم علي عباسي ۽ ڪاظم علي عباسي ڪن ٿا ته انهن کي به جس ھجي. جيڪي حڪومتي پاور ۽ سڻڀيون ڪرسيون ڇڏي غريبن جا يار ھيڻن جا ھڏڏوکي آھن.اڄوڪي دور ۾ اصول جي سياست جو نام نهاد نالو آهي پر جيئن معظم علي عباسي ۽ ڪاظم علي عباسي اصول جي سياست ڪري رھيا آھن تيئن سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سياستدان ھوندا پر آءٌ ايئن چوندس ته ورلي ڪو ھجي.حافظ نظاماڻي جي شعر وانگر ته ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو آ شيطان جي پاسي. ٻنهي صاحبن اھو وچن ڪيو آھي ته اسان رحمان جي پاسي آھيون ڀل ان جي ڇو نه قيمت ادا ڪرڻي پئي پر ھلبو اصول تي ۽ اصول نه ڇڏبو. سلام آهي سنڌ جي ٻنهي سچن ثبوتن کي.