افغانستان جي تاريخي فتح، گلبدين کي بهترين اداڪار جو ”آسڪر ايوارڊ “ ڏيڻ جو مطالبو

افغانستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ بنگلاديش کي اٺ رنز تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، افغان ٽيم جي تاريخي ڪاميابي تي دلچسپ تبصرا ٿي رهيا آهن.
ٽورنامينٽ جي اهم ترين ميچ ۾ بنگلاديشي بالرن افغانستان کي 115 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو پر جواب ۾ بنگالي بيٽرز جي همت 105 رنسن تي جواب ڏئي وئي جنهن جو نقصان آسٽريلوي ٽيم کي پڻ ٿيو جيڪا به سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي.
افغانستان ٽيم جي تاريخي فتح تي افغانستان ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ هڪٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏنيون ۽ جشن ملهايو.
ميچ دوران هڪ دلچسپ واقعو پيش آيو جڏهن ته افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ رانديگرن کي ظاهري طور گيم کي سست ڪرڻ جو اشارو ڪيو ته جيئن برسات سبب بنگلاديش جي ٽيم افغانستان جي” برابر اسڪور“ کان پوئتي رهي.
ڪوچ جي ڳالهه تي عمل ڪندي بنگلاديش جي بيٽنگ جي 12 هين اوور دوران گلبدين نائب سلپ ۾فيلڊ ڪندي پنهنجي ڄنگهه پڪڙي ويهي رهيو.
گلبدين نائب کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي ۽ پوءِ هو ميدان کان ٻاهرهليو ويو، پر ان دوران ٻيهر برسات شروع ٿيڻ سبب هڪ ڀيرو وري ميچ روڪي وئي.
ميچ ٻيهر شروع ٿيڻ تي افغانستان بنگلاديشي ٽيم کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
ميچ کانپوءِ افغانستان ٽيم جشن ملهائيندي رهي ۽ انجري جو شڪار ٿيندڙ گلبدين نائب به ميدان ۾ ڊوڙندو نظر آيو جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
هڪ ايڪس واهپيدار ان معاملي تي تبصرو ڪندي لکيو ته نائب پهريون رانديگر آهي جنهن کي هوا زخمي ڪري وڌو.
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته هن همراهه کي آسڪر ايوارڊ ڏيڻ کپي.
مفادال نالي واهپيدارن ڪاميابي کانپوءِ گلبدين نائب جي ڊوڙندي تصوير شيئر ڪري لکيو ته 10 لڳي 1 منٽ تي هلي نه پئي سگهيو ۽ 10 لڳي 34 منٽن تي سڀ کان تيز ڊوڙي رهيو آهي.

T20Worldcup2024 AFGvsBAN GulbadinNaib

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.