بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها ۽ سندس مڙس اداڪار ظهير اقبال جي شادي جون نيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل آهن.
شادي بعد سوناڪشي ۽ ظهير جي ٻين گڏيل پوسٽ آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي استقباليا جي تقريب ۾ تصويرون شيئر ڪيون آهن.
رومانٽڪ تصويرن جي ڪيپشن ۾ سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال پنهنجي شادي جي ڏينهن کي هڪ شاندار ۽ يادگار ڏينهن قرار ڏنو.
پوسٽ جي ڪيپشن ۾ جوڙي جو پنهنجي دوستن، خاندانن جو شڪريو ادا ڪندي لکيو ته اهو ڏينهن محبت سان ڀرپور هو، جنهن ۾ کل مذاق، يڪجهتي، جوش ۽ گرمجوشي نظر آئي، اهو سڄو ڪجهه اسان جي دوستن، خاندانن ۽ ٽيمن جي تعاون سان ممڪن ٿي سگهيو.
سوناڪشي جو چوڻ هو ته اهو ڏينهن اسان لاءِ ائين هو ڄڻ مڪمل ڪائنات محبت ۾ ٻڏل ٻن ماڻهن جي هڪ ٿيڻ تي گڏ ٿي هجي، قدرت اسان کي انهي شيءَ سان نوازيو جنهن جا مستحق هئاسين.
ياد رهي ته اداڪارا سوناڪشي ۽ اداڪار ظهير اقبال ٽرولنگ بعد سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پنهنجا ڪمينٽ سيڪشن بند ڪري ڇڏيا آهن.
SonakshiSanha Actress Bollywood
You might also like