انوکي شادي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ هر مهمانن کي لکين رپيا ڏنا ويا!

عام طور تي ڪنهن به شادي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمان نئين جوڙي کي مبارڪباد ڏيندي پئسا به ڏيندا آهن پر چين ۾ هڪ شادي ۾ شرڪت ڪندڙن مهمانن کي جوڙي طرفان پئسا ڏنا ويا.
چين ۾ ڪجهه عرصو اڳ ٿيندڙ هڪ شادي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏٺو ويو ته امير خاندان سان واسطو رکندڙ گهوٽ ڪنوار جي شادي ڪيتري شاندار ٿي.
شادي ۾ شرڪت ڪندڙ هڪ مهمان ڊانا وانگ اها وڊيو ڪجهه هفتا اڳ انسٽاگرام تي شيئر ڪئي هئي.
هن ٻڌايو ته گهوٽ ڪنوار طرفان ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ سڀني مهمانن جا سفري خرچ پاڻ ادا ڪيا ويا، مهمانن کي 5 ڏينهن تائين فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهڻ جو موقعو مليو ۽ گهمڻ لاءِ مهانگين گاڏين ۽ ڊرائيورن جو به انتظام ڪيو ويو.
وڊيو موجب نئين جوڙي سڀني مهمانن کي ڳاڙها لفافا ڏنا ۽ هر لفافي ۾ 800 ڊالر (ٻه لک 22 هزار رپين کان وڌيڪ) پئسا موجود هئا.

china couple marriage

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.