پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ رقم جي تڪرار تان فائرنگ ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب واقعو پشاور جي علائقي بڍ ڀير ۾ پيش آيو، جتي رقم جي تڪرار تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 4 عورتون ۽ 4 ٻار مارجي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته هڪ ڌر گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي، واقعي تي اطلاع تي نفري پهچي وئي ۽ جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.
peshawar kpk islamabad