ورلڊ ڪپ: سيمي فائنل ۾ ڪهڙي ٽيم ڪنهن سان مهاڏو اٽڪائيندي؟ فيصلو ٿي ويو

آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ تمام جلد ڪرڪيٽ جي دنيا کي هلندڙ سال جو نئون چيمپيئن پڻ ملي ويندو.
اڄ افغانستان ۽ بنگلاديش جي ميچ کانپوءِ افغان ٽيم جي فتح چئن سيمي فائنل ٽيمن جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
افغانستان راشد خان جي قيادت ۾ بنگلاديش کي اٺ رنز تان هارائي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي جنهن تي سموري دنيا کين ساراهي رهي آهي.
ان کان اڳ انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت جي ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچي چڪيون آهن.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل 27 جون تي پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي پنجين وڳي ڏکڻ آفريڪا ۽ افغانستان وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ان کانسواءِ ٻيو سيمي فائنل ساڳي ئي ڏينهن پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ستين وڳي ڀارت ۽ انگلينڊ ٽيمن وچ ۾ شيڊيول آهي.

T20Worldcup2024 Semifinal INDvsENG AFGvsSA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.