اسلام آباد(م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آپريشن ڪٿي ٿي رهيو آهي؟ دهشت گردي هڪ فرد پاران ٿئي يا مذهبي اداري پاران،غلط آهي،دهشت گردي جتي به هجي غلط آهي، هن چيو ته 75 سالن ۾ اسان هڪ پاڪستاني قوم بڻائڻ ۾ ناڪام رهياسين،75 سالن کانپوءِ به اهڙا ماڻهو آهن جن ايوان کي ڊيبيٽنگ ڪلب بڻائي ڇڏيو،ڪنهن کي سٺو لڳي يا خراب لڳي پاڪستان جي گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي هتي بڻجنديون،اسان ڪنهن به صورت ۾ آئين جي بي حرمتي ٿيڻ نه ڏينداسين، هتي ڪو به سچ نٿو ڳالهائي، پارٽيون وڪامجي رهيون آهن،ماڻهو وڪامجي رهيا آهن،