ڇا اسان سڀ هڪ ٻئي کي ساڙي ڇڏيون؟

تحرير: محمد حنيف

هڪڙي هئي رمشا اسلام آباد ۾ هڪ غريب مسيحي نياڻيءَ  عمر 14 سال ان وقت جي خبرن موجب هوءَ ذهني طور به ٿوري ڪمزور هئي.12 سال اڳ هڪ مسجد جي امام ھن تي قرآن پاڪ جي بي حرمتي جو الزام هنيو.

ناموس جي رکوالن جو رت ٽهڪيو، قانون به حرڪت ۾ آيو، رمشا گرفتار ٿي، گهر ڀاتي، پاڙي وارا پنھنجي جان بچائڻ لاءِ گهر ڇڏي ڀڄي ويا، ڇو ته اهڙي الزام کانپوءِ  غريبن جي وسندي کي ساڙڻ هاڻي ھڪ ديني فرض بڻجي ويو آهي.

جاچ ٿي تھ خبر پئي تھ مسجد جي جنھن امام الزام هنيو هو، ان پاڻ ئي مقدس ڪتاب جا صفحا ڇوڪريءَ جي ٿيلهي ۾ رکي ڇڏيا هئا.خالد جدون سندس نالو هو،گرفتار ٿيل رمشا آزاد ٿي وئي.

ڪجهه هفتن بعد،خالد جدون کي به مقامي مذهبي اڳواڻن جي دٻاءُ تي آزاد ڪيو ويو. اهو معلوم ناهي ته ان بعد هن خلاف وڌيڪ ڪا ڪارروائي ٿي يا نه. اها به خبر ناهي ته هو هاڻي ڪنهن مسجد ۾ امامت جو فرض انجام ڏئي رهيو آهي يا نه.

اها خبر ٻڌي هر مسلمان جي دل کي ٿورو لوڏو تھ آيو ھوندو، تھ  جنهن امام جي پٺيان اسان نماز پڙهون ٿا، اهو پنهنجي پاڙي ۾ ڪنهن مسئلي تي پنهنجي موقف کي ثابت ڪرڻ لاءِ نه رڳو مقدس ڪتاب جي توهين ڪري سگهي ٿو، پر سڀ کان وڏي توھين يعني  توھين جو الزام ھڪ بي گناھ نياڻيءَ تي ھڻي سگھي ٿو ۽ ان جي باوجود بھ رياست ھن جي خلاف پنهنجي ئي قانون موجب انصاف نٿي ڪري.بلڪھ ماڻھن  جي جذبن جو احترام ڪندي هن کي آزاد ڪري ڇڏي ٿي.

اھو قصو 12 سال پراڻو آهي. ان کان پوءِ اسان سريلنڪا کان پاڪستان اچي ڪري مزدوري ڪندڙ کي ساڙي چڪا آھيون، سرگوڌا ۽ گوجرا ۾ آبادين جون آباديون ساڙي چڪا آھيون.

اڄ تائين نھ ڪنهن  ثبوت گهريو آهي ۽ نه ئي اسان ڏنو آهي ته توھين ڪنھن ڪئي ۽ ڪيئن. ڇاڪاڻ تھ اهڙو سوال پڇڻ به هاڻي توھين جي دائري ۾ اچي ٿو.

جيڪڏهن توهان پاڪستان ۾ گھمو ڦرو ٿا، پنج وقت نمازي ۽ ڪمزور ايمان وارن سان بھ ملو ٿا،اهڙن ماڻھن سان بھ ڳالهه ٻول ڪريو ٿا جيڪي فجر کان وٺي عشاءَ تائين هڪ وضو سان نماز پڙھن ٿا.ڪڏهن ڪنهن دھرئي سان  بھ مليا ھوندا،توهان ڪڏهن پنهنجي اکين سان  توھين ٿيندي نھ ڏٺي ھوندي،پنهنجي ڪنن سان ڪڏهن ڪا گستاخيءَ نه ٻڌي ھوندي.

عيسائي ۽ احمدي تھ پنهنجي سڃاڻپ لڪائيندا گهمن ٿا، ڪنهن گناهگار  اُمتي کان به اهڙي ڳالهه نھ ٻڌي ھوندي جنهن ۾ گستاخيءَ جو شڪ هجي.

پر هر پاڙي ۾ ھڪ خالد جدون آهي،جنهن جي هڪ هٿ ۾ قرآن ۽ ٻئي هٿ ۾ ماچيس، جنھن سان ھو اسان جي جذبن کي ڀڙڪي سان اُڀاري سگھي ٿو.

هر اهڙي واقعي کان پوءِ اسلام جي اصل روح جي باري ۾ ڳالهيون ڪندا ۽ ٻڌندا آھيون، پر ڪو شهباز شريف، ڪو بلاول ڀٽو، ڪو فضل الرحمان، ڪو تقي عثماني ۽  طارق جميل مظلومن جي گهر نٿو پھچي ۽ نه ئي وري ڪنھن خالد جدون جهڙي ماڻھن کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جي ڳالھھ ٿئي ٿي.

ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن عسڪري ادارن ڏانهن ڏسندا آهن، اهي ڪنڌ لوڏي ڇڏيندا آھن. جڏهن ناموس جي نالي تي سياست ڪندڙن  عسڪري  ادارن جي توهين ڪئي ته اتي اهڙو ڏنڊو گھميو جو جٿن ۾ موجود لٺ بازن کي پنجاهه پنجاهه سالن جي سزا ٻڌائي وئي ھئي.

هاڻي جيڪي دردمند شهري اهو مطالبو ڪن ٿا ته انھن تي ڏنڊو ھلايو تھ اھي ڀلجي وڃن ٿا تھ  اھي جٿا ئي رياست جا اصل ڏنڊا آهن، جيڪي توهان کي،مدين جھڙي جنت ۾ موڪل ملھائندي جهنم ۾ موڪلي سگهن ٿا.

 

ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن عسڪري ادارن ڏانهن ڏسندا آهن، اهي ڪنڌ لوڏي ڇڏيندا آھن. جڏهن ناموس جي نالي تي سياست ڪندڙن  عسڪري  ادارن جي توهين ڪئي ته اتي اهڙو ڏنڊو گھميو جو جٿن ۾ موجود لٺ بازن کي پنجاهه پنجاهه سالن جي سزا ٻڌائي وئي ھئي.هاڻي جيڪي دردمند شهري اهو مطالبو ڪن ٿا ته انھن تي ڏنڊو ھلايو تھ اھي ڀلجي وڃن ٿا تھ  اھي جٿا ئي رياست جا اصل ڏنڊا آهن، جيڪي توهان کي،مدين جھڙي جنت ۾ موڪل ملھائندي جهنم ۾ موڪلي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.