وچ اوڀر  جي پکڙجندڙ جنگ يورپ کي ڳڻتي ۾ وجھي ڇڏيو

اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ وري ڇڪتاڻ وڌڻ سبب يورپي ملڪن ۾ ڳڻتي جي لھر پئدا ٿي وئي آھي. يورپي ملڪن جو خيال ھو تھ اھي يوڪرين جي مدد ڪن پر وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ انھن کي ھن پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.

جرمني پرڏيهي وزير وچ اوڀر واري علائقي ۾ جنگ جي وڌندڙ خدشي ڪري  سومر تي تل ابيب جي دوري تي رواني ٿي آهي.اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ وچ اوڀر واري علائقي کي  لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن کان لبناني ويڙهاڪ گروپ حزب الله ۽ اسرائيلي فوجن وچ ۾ هٿياربند ويڙهه ۾ اضافو ٿيو آهي. اها صورتحال اولھھ جي طاقتن لاءِ پريشاني جو سبب آهي.

جرمني جي پرڏيهي وزير انا لينا بيئربوڪ سومر 24 جون تي وچ اوڀر جي دوري تي نڪتي آھي.جتي هوءَ  انسٽيٽيوٽ فار پاليسي اينڊ اسٽريٽجي آءِ پي ايس جي اھتمام ھيٺ رائش مين يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ”هرسليا ڪانفرنس“ ۾ تقرير ڪندي.

7 آڪٽوبر 2023  کان فلسطين ۾  اسرائيل ۽فلسطين جي جنگ کان پوءِ جرمني جي گرين پارٽي سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ پرڏيهي وزير بيئربوڪ جو اسرائيل جو ھي اٺون دورو آھي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب  ھو ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد يورپي يونين جي پرڏيھي معاملن بابت اجلاس ۾ شرڪت ڪندي.

يورپي ملڪن جو ڌيان روس جي خلاف يوڪرين جي گڏيل حمايت ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي  آھي ان سلسلي ۾ اجلاس ۾خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.

جرمني پرڏيھي وزير اڱاري ڏينھن اسرائيل ۽ فلسطيني علائقن ۾ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهيون ڪندي.ھوءَ غزه جي پٽي ۾ جنگ جي نتيجي ۾ پئدا ٿيل صورتحال جو جائزو پڻ وٺندي.

جيئن ته هن جي وچ اوڀر جي گذريل دورن ۾ جرمن پرڏيهي وزير پنهنجي  پاران ٻھ رياستي حل بابت تجويز ڏني ھئي.جنھن تي اڳڀرائي بابت ڳالھيون ڪندي.

هوءَ رام الله ۾ فلسطيني اٿارٽي جي وزيراعظم محمد مصطفيٰ سان پڻ ملاقات ڪندي ۽ اولهه اردن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.جرمني اڳواڻ  لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ لبناني وزيراعظم نجيب مڪيتي سان بھ ملاقات ڪندي.

يورپي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه، جوزپ بوريل،يورپي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ڳڻتي ظاھر ڪئي تھ وچ اوڀر جي جاري جنگ جلد ئي لبنان تائين پکڙڻ جو خطرو آهي. هن اهو بيان ايران جي حمايت يافته مليشيا حزب الله طرفان يورپي يونين جي ميمبر ملڪ قبرص کي ڏنل ڌمڪي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ڏنو.

جوزپ جو چوڻ ھو ته لبنان جي ڏاکڻي حصي کي متاثر ڪندڙ هن جنگ جا خطرا ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سنگين ٿيندا پيا وڃن.حزب الله چيو آهي ته هو غزه ۾ جنگ بندي ٿيڻ تائين پنهنجا حملا بند نه ڪندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.