ڪراچي ۾ گرميءَ سبب فوتين جو انگ 20 ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن مان وڌيڪ 6 لاش هٿ ڪيا ويا، جنهن بعد ٻن ڏينهن ۾ فوتين جو انگ 20 ٿي ويو.
ريسيڪو اختيارين موجب مختلف علائقن ۾ فوت ٿيندڙن جي عمر 35 کان 60 سالن جي وچ ۾ آهي، فوتين ۾ گهڻو انگ نشي جي عادين (موالين) جو آهي، جيڪي گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿيا آهن.
ريسيڪو طرفان ٻڌايو ويو آهي ته جامع ڪلاٿ،گوليمار ۽ سپر هاءِ وي مان 3 لاش هٿ ڪيا ويا، گلستان جوهر ۽ لانڍي مان 2 لاش مليا جڏهن ته فيڊرل بي ايريا ڪريم آباد مان روڊ ڪناري هڪ پينو فقير جو لاش هٿ آيو.
67 ڄڻا تيز بخار سبب سول اسپتال پهتا، جن کي هيٽ اسٽروڪ وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو.
karachi pakistan heatstroke

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.