شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس: فريادڻ ۽ شاهدن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم

ميرپورماٿيلو  (رپوٽ: خالد وسير) شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي سيڪيورٽي خدشن بعد عدالتي حڪم تي ايس ايس پي گهوٽڪي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي خاتون پاران ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ سيڪيورٽي خدشن بابت جج کي آگاهه ڪيو ويو هو.

عدالتي حڪم بعد ايس ايس پي گهوٽڪي شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي پوليس جي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

ليٽر موجب شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن ڪيس جي فريادڻ ۽ شاهدن کي پوليس جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

اڄوڪي عدالتي ٻڌڻي تي به شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس جي فريادڻ امڙ پٺاڻي خاتون کي ۽ شاهدن کي پوليس سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو ويو ٻڌڻي ختم ٿيڻ بعد کين پوليس سيڪيورٽي ۾ گهر پهچايو ويو.

ميرپورماٿيلو ايس ايس پي گهوٽڪي سميرنور چنه پاران شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس جي فريادڻ ۽ شاهدن جي سيڪيورٽي لاء ميرپورماٿيلو، سرحد، جروار، ۽ ڏهرڪي ٿاڻن تي پڻ ليٽر جاري ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.