اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو ٽربيونل تبديلي وارو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو اسلام آباد جي ٽربيونل جي تبديلي وارو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ن ليگ جي اسيمبلي ميمبر انجم عقيل، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ڌرين جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت انجم عقيل کان سوال ڪيو ته اوهان جيڪو حلفي بيان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو ان جيڪو لکيل آهي اِهو سچ آهي؟ انجم عقيل عدالت پڇاڻي تي دخواست ۾ استعمال لفظن جي وضاحت نه ڪري سگهيو.
جيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي سمجهائڻو آهي ته nepotism ڇا ٿيندو آهي، مون کي ان جو مطلب سمجهايو؟
عقيل انجم چيو ته اِهي ليگل لفظ آهن، مان عدالت کان غير مشروط معافي وٺان ٿو، جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته Nepotism بلڪل به ليگل لفظ نه آهي، ڇا اوهان پڙهڻ کانسواءِ حلفي بيان تي صحيح ڪري ڇڏي؟
انجم عقيل جواب ڏيندي چيو ته مون بيان پڙهڻ کانسواءِ صحيح ڪئي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان درخواست ڏني آهي جج صاحب ڌريو آهي اِهو ٻڌايو ته هو ڪيئن جانبدار هو؟ هو اوهان جي سفارش نه مڃي رهيو ڇا انڪري اوهان کيس تبديل ڪرائڻ چاهيو پيا؟ عقيل انجم جواب ڏنيدي چيو ته مون سفارش ناهي ڪئي پر مان معذرت خواهه آهيان مون ڪيس ٽرانسفر ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني هئي.
ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته اوهان هن آرڊيننس جو ڪيئن دفاع ڪندئو؟ ڪهڙو آسمان ڪِرڻ وارو هو جو وقتي صدر رات پيٽ ۾ آرڊيننس جاري ڪرائي ڇڏيو؟ پارليامينٽ کي ختم ڪري آرڊيننس ذريعي حڪومت هلرايون ٿا.
عدالت چيو ته اوهان ماڻهن آرڊيننس جي فيڪٽري لڳائي ڇڏي آهي، هڪ واهه فيڪٽري آهي ۽ ٻي آرڊيننس فيڪٽري آهي.
عدالت انجم عقيڪ کي توهينِ عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي هر ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ علي بخاري ۽ ٻين اليڪشن ڪميشن ٽربيونلز جي تبديلي واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.