تل ابيب ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي وزيراعظم بينجامن نيتن ياهو چيو آهي ته حماس سان جنگ بندي جو معاهدو ٿي وڃي تڏهن به جنگ جاري رهندي.
اسرائيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو اهڙي ڪنهن به معاهدي سان اتفاق نه ڪندو جنهن ۾ 8 مهينن کان جاري جنگ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو هجي.
اسرائيلي وزيراعظم اشارو ڏنو ته هو هڪ اهڙي جزوي معاهدي لاءِ تيار آهي جنهن سان سندس قيدين جي واپسي ممڪن هجي.
هن چيو ته سندن مقصد معوين کي واپس آڻڻ ۽ غزا ۾ حماس جي حڪومت جو مڪمل خاتمو آهي.
نيتن ياهو جو وڌيڪ چوڻ هو ته هماس خلاف سخت ويڙهه جو مرحلو ختم ٿيڻ وارو آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته جنگ ختم ٿيڻ واري آهي….
You might also like