اسلام آباد (م ڊ)صدر آصف علي زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي ۽ پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري وفاقي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏئي رد ڪري چيو آهي ته پاڪستاني هجڻ جي ناتي اسان سڀني کي هن بجيٽ مان تمام گهڻيون اميدون هيون، پاڪستاني عوام بهتر بجيٽ جو حقدار آهي. هارين، مزدورن ۽ غريبن لاءِ هن بجيٽ ۾ ڪجهه به ناهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پنهنجي پهريون خطاب ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته هوءَ پڇڻ چاهي ٿي ته هن بجيٽ مان عوام جون ڪيتريون اميدون پوريون ٿيون آهن. هي وفاقي بجيٽ عوام جي نمائندگي نه ٿي ڪري، پڇڻ چاهيان ٿي ته ڇا پاڪستان جا ماڻهو هن عوام دوست بجيٽ جا حقدار آهن. هن چيو ته اسان کي عام ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ اڳتي وڌڻو آهي، هارين کي ڪڏهن ٻوڏ ۽ ڪڏهن ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، اسان کي هارين کي رليف ڏيڻو آهي. موسمي تبديلين، قدرتي آفتن، ٻوڏن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙن وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. آصفه ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. ورهاست واري سياست کي رد ڪرڻو پوندو. پاڪستان جا ماڻهو ان کان وڌيڪ بهتر بجيٽ جي حقدار آهي ۽ ان لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. آصفه ڀٽو چيو ته گرمين ۾ 15 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ عذاب آهي، اسان کي عوام جي زندگي آسان بڻائڻ جو رستو ڳولڻو پوندو. رياست جي صدر هن ايوان ۾ اتحاد جي ڳالهه ڪئي ۽ هن وقت سڀني جو گڏجي ڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن ايوان جو حصو بڻجڻ تي فخر آهي.
AsfiaBhuttozardari PPP Budget2024-25