انٽيگوا ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ ڏکڻ آفريڪا دلچسپ مقابلي کانپوءِ ويسٽ انڊيز کي ڊڪ ورٿ لوئيس سسٽم تحت 3 وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ ويسٽ انڊيز ايونٽ مان ٻاهر ۽ ڏکڻ آفريڪا 10 سالن کانپوءِ سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.
انٽيگوا جي شهر نارٿ سائونڊ ۾ کيڏيل ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي م گذريل ڏينهن انگلينڊ آمريڪا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتي هئي، جنهن کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي ميچ ناڪ آئوٽ جي صورتحال واري بڻجي وئي هئي.
اهم ميچ ۾ ويسٽ انڊيز پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنز ٺاهيون، برسات جي ڪري ڏکڻ آفريڪا کي ڊي ايل ايس جي تحت 17هين اوور ۾ 123 رنز جو هدف مليو، جيڪو هنن 5 بال اڳ حاصل ڪري ورتو….
شاندار بالنگ تي تبريز شمسي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
T20Worldcup2024 Supereight SAvsWI