قومي اسيمبليءَ ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي اقليتن جي تحفظ لاءِ ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ بجيٽ اجلاس دوران بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته سوات واقعي سڄي قوم جو ڪنڌ شرم کان جھڪايو آهي، پاڪستان ڪنهن هڪ فرد جو نه پر هتي رهندڙ سمورن پاڪستانين جو آهي. هتي رهندڙ  هندو، عيسائي ۽ سک برابر جا پاڪستاني شهري آهن. ان بعد قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. قانون واري وزير پاران پيش ڪيل ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائين. اقليتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته اقليتن خلاف واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال به جڙانوالا، سيالڪوٽ ۽ سرگوڌا ۾ توهين رسالت جي نالي تي ٿيل واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙا واقعا پوري قوم لاءِ شرمندگي جو سبب آهن، اسان کي اهڙن واقعن کي سختي سان روڪڻو پوندو.

MobLynchings NA Resolution Minorities

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.