آپريشن عزم استحڪام چيني مطالبي جو ردعمل؟ پي ٽي آءِ جي صفن ۾ ماتم ڇو؟

لاهور/اسلام آباد(معظم فخر+عمر چيما) آپريشن عزم استحڪام جي اعلان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي صفن ۾ ٿرٿلو متل آهي،پي ٽي آءِ کي خدشو آهي ته جيڪو آپريشن شروع ٿيڻ وارو آهي اهو اسان جي خلاف هوندو،ڪي پي جي پارٽي اڳواڻن پهاڙن ۾ لڪڻ لاءِ پنهنجو سامان ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،ڪي پي ۾ دهشت گردن پاران پاڪ فوج تي حملا ۽ جوان شهيد ڪرڻ وارو عمل جاري آهي جڏهن ته دير ۾ گذريل ڏينهن افغانستان مان ملڪ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ طالبان تي به گن شپ هيليڪاپٽرن ذريعي نشانو بڻايو ويو، هن وقت ملڪ ۾ چين پاران سي پيڪ فيز ٽو تي عملدرآمد لاءِ تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، پر چين اهو شرط رکيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال پهرين بهتر ڪئي وڃي ان کانپوءِ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪيو آهي ته جتي ضرورت پوندي اتي آپريشن ڪيو ويندو ،دهشت گردي ٽوڙ جي قومي  مهم کي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،آپريشن ۾ گڊ طالبان بيڊ طالبان جو ڪو به فرق نه رکيو ويندو،شرپسندن کي دهشت گرد جي نظر سان ئي ڏٺو ويندو، رياست مخالف انتشارپسند ۽ مذهبي جنونين خلاف به آپريشن ڪيو ويندو اهو نقطو سوات واقعي جي پس منظر ۾ تيار ڪيو ويو آهي،اسلام ۽ پاڪستان لاءِ شرمساري جو سبب بڻجندڙ ماڻهن سان سختي سان پيش اچيو ويندو،آپريشن جو ٽيون نقطو پي ٽي آءِ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به شخص يا گروهه جيڪو رياست کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو يا قانون هٿ ۾ کڻندو ان سان سختي ڪئي ويندي،ڇو ته اها ڳالهه ته واضح آهي ته هن وقت پي ٽي آءِ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري رکيو آهي،جڏهن ته چين پاران پاڪستان تي واضح ڪيو ويو آهي ته جيستائين چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ سئو اعتماد حاصل نٿو ٿئي تيستائين سي پيڪ فيز ٽو اڳتي نٿو وڌي سگهي

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 24 جون 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.