قومي اسيمبليءَ ۾ آپريشن عزم استحڪام خلاف مخالف ڌر جو گوڙ، نعرن جي گونج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) : قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر "آپريشن عزم استحڪام” کي رد ڪندي سخت احتجاج ڪيو آهي. سني اتحاد  ڪائونسل ۽ جي يو آءِ (ف) جي ميمبرن "فوجي آپريشن نامنظور”جا نعرا لڳايا. جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو ۽ وڏو گوڙ ٿي ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان شهيد بينظير ڀٽو جي قتل، 9 مئي جي واقعن، سائفر ڪيس تي جڊيشل ڪميشن بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان ڪيتريون بينظير، ڪيترا لياقت علي خان ۽ ڪيترا ڀٽا قربان ڪنداسين. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڪالهه ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفي’ شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف جي تقرير دوران اپوزيشن جي ميمبرن سخت احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. سندن گوڙ سبب خواجا آصف پنهنجي تقرير روڪي ڇڏي. ان موقعي تي سرڪاري ٽي وي تي لائيو نشريات جو آواز بند ڪيو ويو. سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏ جي يو آءِ (ف) جي ميمبرن به احتجاج ۾ حصو ورتو ۽ "امن گهرجي” جا نعرا لڳايا. مخالف ڌر وارن "چور چور، فارم 47” جا نعرا پڻ لڳايا. خواجا آصف چيو ته مخالف ڌر وارا احتجاج ڪندي پاڪ فوج خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن. هن چيو ته اپيڪس ڪميٽي آپريشن "عزم  استحڪام” جي لاءِ اجازت ڏني ته هاڻي ان کي ايوان ۾ به آڻينداسين، ان کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪنداسين، جيڪڏهن مخالف ڌر کي ڪو اعتراض آهي ته ڳالهائي به سگهن ٿا. هن چيو ته هو احتجاج ڪري پاڪ فوج جي خلاف بيٺا آهن، شهيدن جي خلاف بيٺا آهن، 9 مئي تي به بيٺا آهيون، چوندا هئا ته فوج ۽ شهيد اسان جا آهن. هن چيو ته هو رڳو پنهنجي سياست سان گڏ آهن، ملڪ ۽ آئين سان نه آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته ڪا به ايپڪس ڪميٽي پارليامنٽ کان مٿانهين ناهي. اپيڪس ڪميٽي جو فيصلو ٿي چڪو آهي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته گڏيل اتفاق راءِ سان ايوان جي بالادستي قائم ٿئي، حڪومت هن ايوان کي اعتماد ۾ نه ورتو آهي. اسان کان مطالبو ڪريون ٿا ته قيادت پهريان ان ڪيمرا بريفنگ ڏئي پوءِ ڪا ڪارروائي ڪئي وڃي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته عزم استحڪام وارو معاملو ڪابينا ۽ ايوان ۾ آڻينداسين. پي ٽي آءِ جي شهريار آفريدي چيو ته بچاءَ واري وزير ايڏو وڏو الزام لڳايو آهي، ڪوڙي تي الله جي لعنت آهي، هي 75 سالن جي عمر ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. بچاءَ واري وزير ۾ جيڪڏهن حوصلو هجي ها ته هتي نه اچي ها. پي ٽي آءِ ميمبر علي محمد خان چيو ته جهڙي طرح هٿن کانسواءِ اسان معذور آهيون، اهڙي طرح اسان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين کانسواءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته هٿياربند فوجون هن ملڪ جي عوام جي خدمت لاءِ موجود آهن، توهان قومي پاليسيون نه ٺاهيو، اهي فيصلا اسان سولين ڪندا آهيون ۽ توهان کي انهن پاليسين تي عمل ڪرڻو پوندو، جيڪي توهان جي حوالي ڪيون ويون آهن. علي محمد خان چيو ته هي قوم اڳواڻ چونڊيندي آهي، ان لياقت علي خان کي به چونڊيو هو، پر کيس قتل ڪيو ويو، سندس قاتلن کي سهولت ڇو ڏني وئي؟ هن چيو ته چون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو تي هتي اسان ۽ اوهان جا الزام لڳا، پر ڇا ڪنهن کي خبر آهي ته اصل حقيقت آهي ته يحيٰ جو ڪردار ڇا هو؟ هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏني وئي، مان سياسي ورڪر آهيان، مطالبو ڪريان ٿو ته لياقت باغ ۾ اٿندڙ سياسي عورت کي شهيد ڪيو ويو، بينظير ڀٽو جي اصل قاتلن جو چهرو قوم کي ڏيکاريو وڃي، ان تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي. هنن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جڊيشل ڪميشن ٺهرائي، اسان ان سان گڏ آهيون، 9 مئي تي جڊيشل ڪميشن ٺهڻ گهرجي، اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته 9 مئي تي ڪنهن ڪيو، جنهن اهو ڪيو ان کي سزا ڏيو. علي محمد خان چيو ته سائفر ڪيس مان عمران خان کي بري ڪيو ويو آهي ان تي به جڊيشل ڪميشن ٺاهي وڃي. 90ع ۾ بينظير ڀٽو حڪومت ۽ 93ع ۾ نواز شريف جي حڪومت ڇو ختم ڪئي وئي، تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته منهنجو هڪ سوال آهي ته هڪ چونڊيل وزيراعظم سان ائين ڇو ٿئي ٿو، جڏهن 1988ع ۾ بينظير جي حڪومت آئي، جنهن خلاف 1990ع ۾ آءِ جي آءِ ٺاهي، ان کي پنج سال پورا ڇو نه ٿيڻ ڏنا ويا. هن چيو ته 1993ع ۾ جڏهن نواز شريف آيو ته ان تي ڪيترو به ڏوهه نه هو، قانون نواز شريف کي آرمي چيف کي برطرف ڪرڻ جو اختيار ڏنو هو، سندس حڪومت ڇو ختم ڪئي وئي، 1999ع ۾ نواز شريف کي هٿڪڙين ۾ ڇو موڪليو ويو، جڏهن. مان ايوان ۾ ڪيس ڇو نه رکان ته توهان پنهنجي اڳوڻي وزيراعظم کي پسند نٿا ڪريو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته ڪيتري بينظير، ڪيترا لياقت علي خان، ڪيترا ڀٽو قرباني ڏيندا، جمهوريت جو ڪارڻ اقتدار لاءِ نه وڙهڻ آهي، پاڪستان جي عوام لاءِ وڙهڻو آهي، جڏهن پاڪستان جي ڳالهه ايندي ته پاڪستان جي عوام لاءِ وڙهڻو پوندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته آپريشن  عزم استحڪام سان ملڪ کي محفوظ بڻائڻو آهي پر طالبان کي آڻيندڙ آپريشن جي مخالفت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڇنڇر ڏينهن آپريشن جي منظوري ڏني وئي. سوال اهو آهي ته طالبان کي ڪير واپس وٺي آيو، گڊ طالبان ۽ خراب طالبان کي ڪير کڻي آيو هو. عطا تارڙ جي تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن گوڙ ڪري نعرا لڳايا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته هي طالبان جي حق ۾ نعرا آهن. مخالف ڌر کي گارين بدران سٺيون تجويزون ڏيڻ گهرجن.

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي حڪومت اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته عزم استحڪام آپريشن ڪيئن ٿيندو؟ ان تي غور ڪرڻ لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويندو.قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي قانون واري وزير نذير تارڙ چيو ته بچاءَ وارو وزير آپريشن حل بابت ڳالهائڻ چاهي پيو پر مخالف ڌر کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني.هن چيو ته عزم استحڪام آپريشن ڪيئن ٿيندو؟ ان تي بحث ڪنداسين ۽ قومي سلامتي ڪميٽي کي هتي (ايوان ۾) سڏينداسين، وزيراعظم به اجلاس ۾ ويهندو.هن چيو ته مخالف ڌر مشاورت نه ڪرڻ جو الزام لڳائيندي آهي، پر توهان جي وڏي وزير ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نه ڳالهايو، مخالف ڌر بچاءَ واري وزير جي تقرير جو هڪ لفظ به نه ٻڌو، مشاورت ڪيئن ڪجي؟هن چيو ته اسان جو وزيراعظم توهان جي وزيراعظم وانگر ناراض، ٻاهر نه ويهندو پر سڄي ڪابينا سان گڏ هتي موجود هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.