نوازشريف جي اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن ۾ بحالي: شهزادو سلمان ضمانتي بڻيو

اسلام آباد(شاهد ميتلا)اڳوڻي جنرل باجوا ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف وچ ۾ پراڻو تعلق رهيو آهي،نوازشريف جڏهن اڊيالا جيل ۾ قيد هو تڏهن هن لاءِ کاڌو جنرل اعجاز امجد جي گهران ايندو هو،جنرل اعجاز جنرل باجوا جو سهرو آهي، ان تعلق جي بنياد تي ئي جنرل باجوا کي آرمي چيف جو عهدو مليو هو بعد ۾ خواجا آصف جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ لاءِ به ڪردار ادا ڪيو هو، تازو ن ليگ جي ناراض اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته نوازشريف ۽ سندس خاندان خلاف ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ جنرل باجوا جو هٿ هو، ذريعن موجب جڏهن عمران خان جي حڪومت ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته اسٽيبلشمينٽ متبادل لاءِ ڏسڻ شروع  ڪيو، ان لاءِ وري نوازشريف ڏانهن ڏٺو ويو پر نوازشريف جو اسٽيبلشمينٽ تي اعتماد ٽٽي چڪو هو ان ڪري سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد زيد کان گارنٽي ورتي وئي،ذريعن موجب جنرل باجوا لنڊن لاءِ محمد بن زيد جي جهاز ۾ چڙهي نوازشريف سان ملاقات ڪئي هئي ان ملاقات ۾ يو اي اي جو صدر محمد بن زيد به شريڪ هو،ان ملاقات ۾ نوازشريف کي عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ راضي ڪيو ويو جڏهن ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد ۽ موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير جا لاڳاپا ڊسمبر 2020ع  ۾ ئي خراب ٿي ويا هئا ان جا ڪيترائي سبب هئا ان مان هڪڙو اهو به هو ته جنرل فيض اداري جي پاليسي کان هٽي قدم کڻي رهيو هو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 24 جون 2024ع تي شايع ٿيو

Saudiarbia  NawazSharif Establishment Mohammedbinsalman

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.