ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل ميمڻ گاڏين جي جعلي نمبر پليٽن خلاف ميگا آپريشن جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته جعلي نمبر پليٽ استعمال ڪندڙن خلاف ميگا آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ماڻهو سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي نالن وارا نمبر پليٽ لڳائي گهمي رهيا آهن . هن چيو ته ڪنهن کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته ڪنهن جي سفارش تي کين ڇڏيندا، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، جعلي نمبر پليٽون ٺاهيندڙ دڪانن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو پريميئم نمبر پليٽن جي نيلامي ٿيندي، ايڪسائيز کاتي پاران گولڊ ۽ سلور جي نمبر پليٽن جي نيلامي 29 جون تي مقامي هوٽل ۾ ٿيندي. سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نگران حڪومت جي لاپرواهي سبب ريڊ لائين منصوبي تي ڪم 8 مهينن کان روڪيو هن چيو ته وزيراعظم ڪراچي جي دوري دوران 150 بسن جو واعدو ڪيو هو ان کي هاڻ پورو ڪيو وڃي،هن چيو ته عمر ايوب پاڻ ڊڪٽيٽرشپ جي پيداوار آهي،نيب قانون مان پ پ جي ڪنهن به اڳواڻ کي فائدو ناهي مليو.
Sindhgovt megaoperation fakenumberplates vehicles