هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي اسڪيم لاءِ ڌرتي ڌڻين کي لڏائڻ جون تياريون،مزاحمت جو اعلان

ڪراچي اوڀر ( شفقت نوناري ) ڪراچي ھاڪس بي لڳ سنڌ حڪومت طرفان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏيڻ واري فيصلي بعد ڊي ايڇ اي پوليس اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي عملدارن جون رھواسين سان زيادتيون شروع قديمي آباد  رھواسين کي لڏائڻ لاءِ جون ڪوششون ھاڪس بي لڳ ديھ ميندياري ديھ الھٻنو ديھ ڇتارا جي 45 ڳوٺن جي معززن بزرگن جي ديھ الھٻنو ۾ گڏجاڻي سنڌ حڪومت جي اھڙي فيصلي جي مذمت، سخت مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو رھواسين جو وڪيلن سياسي سماجي اڳواڻن کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل خبرموجب ڪراچي ھاڪس بي ڀرسان سنڌ حڪومت طرفان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ واري فيصلي بعد رھواسين ديھ ميندياري ديھ الھٻنو ديھ ڇتارا جي 45 کان وڌيڪ ڳوٺن جنھن ۾ڳوٺ عبداللـ ڳوٺ،حاجي ثمانو ڳوٺ،محمد ھاشم، عيسي’ خان،محمد عارف،حاجي دريا خان،سکو ڳوٺ، فيض محمد، حاڪي جمع ڳوٺ، حاجي خيرو ڳوٺ، يعقوب ڳوٺ، دولت فقير ڳوٺ، ڄاموٽ ڳوٺ،رئيس ڀنڊ ڳوٺ، ڀورل ڳوٺ سميت 45 کان وڌيڪ ڳوٺن جي معززن اسلم ڀنڊ،مولا بخش ڀنڊ گلاب جوکيو،محمد علي ڀنڊ،حاجي قاسم ڀنڊ، مبارڪ پالاري ۽ ٻين جي جي ديھ الھٻنو ۾ گڏجاڻي ٿي گذري جنھن ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ منير احمد مگسي ۽ ضلعي اوڀر جي اڳواڻ واحد مغيري طرفان خصوصي طور گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي ڪوٺايل گڏجاڻي دوران ڳوٺاڻن چيو تـ سنڌ حڪومت ھاڪس بي جي آس پاس جي 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏئي ڪري اسان سان تمام وڏي زيادتي ظلم ڪيو ويو وڃي اسان ڌرتي ڌڻين کي زمينن تان بي دخل ڪرڻ جي تمام وڏي سازش ڪئي پئي وڃي جنھن ۾ سنڌ جا حڪمران سڌو سنئون ملوث آھن ڳوٺاڻن چيو تـ اسان سان ايتري تـ زيادتي ڪئي پئي وڃي جو اسان سوين سالن کان ھتي قديمي آباد آھيان مگر اسان آباد ماڻھن کي ھتان لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌ حڪومت طرفان ھاڪس بي جي آس پاس جي 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏيڻ جي خلاف اسان مزاحمت ڪنداسين پنھنجون جانيون تـ قربان ڪري سگھون ٿا مگر پنھنجا اجھا ڪو نـ ٿا ڇڏي سگھون ان موقعي تي ٿيل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ منير احمد مگسي چيو تـ سنڌ حڪومت پاران ھاڪس بي جي ڀرسان 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ھي ڪھڙي حڪمراني آھي جو اصل رھاڪن کي لڏائي وري ٻين ماڻھن کي ھتي آباد ڪيو وڃي ڌرتي ڌڻين خلاف ٿيندڙ اھڙن سازشن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو ھن چيو تـ تمام جلد ھاڪس بي ۾ 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏيڻ خلاف جلد احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي جيڪڏھن سنڌ حڪومت اھڙو فيصلو واپس نـ ورتو تـ پوءِ مرحليوار تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.