ڪراچي (رپورٽر)پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري بازيابي ۽ عوامي آواز جي رپورٽر شھيد صحافي نصرالله جي اصل قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻھن طرفان پريا ڪماري جون تصويرون ھٿن ۾ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج مظاهري کي لياقت جلباڻي، سھڻي پارس، آفاق ڀٽي، سنديا سومرو، خالده ارباب خطاب ڪندي چيوته پريا ڪماري جي جوڙيل جي آئي ٽي صرف ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رھي آھي صرف دلاسا ڏيندي رھي ٿي، پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان اعلان ڪندي چيو آھي ته جلد پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي. ھنن وڌيڪ چيوته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي ۽ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ شھيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي تحفظ ڏنو وڃي. احتجاج مظاهري ۾ سول سوسائٽي، شاعرن اديبن، صحافين، وڪيلن شرڪت ڪئي. ھنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رھندو.
PriyaKumari ReleasePriyaKumari Protest Karachi