اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاندانه گلزار چيو آهي ته گذريل سال 9 آگسٽ تي مون کي اغوا ڪيو ويو ۽ ماسڪ پاتل ماڻهن پڇيو ته بلاول جي پارٽي جوائن ڪندين يا مريم جي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شاندانه گلزار چيو ته جن اغوا ڪيو، انهن کي ماسڪ لڳل هئا، اسان جي عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، طيبه راجا کي وارن کان پڪڙي گهليو ويو.
هن چيو ته جنهن عورت ڪورونا کان سڄي ملڪ کي بچايو، ان کي جيل موڪليو ويو، ٻن سالن ۾ پاڪستان مان 15 لک پڙهيل لکيل ٻار هليا ويا.
سندس چوڻ هو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، توهان کي پي ٽي آءِ باني پسند ناهي ته مسئلو ناهي پر ملڪ کي ته بخشيو.
بجيٽ تي ڳالهائيندي شاندانه گلزار چيو ته هيءَ بجيٽ ماڻهن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي، ملڪ جو ٻيڙو ڇو ٻوڙيو ويو؟
You might also like