سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي سڀاڻي اهم اجلاس، زرداري صدارت ڪندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي سڀاڻي سومر ڏينهن سکر ۾ اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي بابت اجلاس جي صدارت صدر آصف علي زرداري ڪندو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.
اجلاس ۾ ڪچي ۾ جاري آپريشن تي بريفنگ ڏني ويندي، ڪچي جي مسئلن، هٿيارن ۽ ٻين معاملن کي سامهون رکيو ويندو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سکر روانو ٿي ويو، اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ، گهرو وزير، وڏو وزير شرڪت ڪندو، ان کانسواءِ ڊي آءِ جي سکر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي سميت وفاقي ۽ صوبائي وزير به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.