حيدرآباد ۾ تشدد جو شڪار گڏهه ڪراچي ۾ علاج دوران مري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ تشدد جو شڪار گڏهه ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ علاج دوران مري ويو.
حيدرآباد ۾ تشدد جو نشانو بڻجندڙ زخمي گڏهه ڪراچي ۾ مري ويو، زخمي گڏهه جو گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾ علاج هلندڙ هو.
گڏهه جي موت جي تصديق شيلٽر هوم انتظاميا سوشل ميڊيا تي ڪئي.
انتظاميا موجب ان جانور سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تڪليف ڏيندڙ آهي، ان جانور پنهنجي آخري ڏينهن ۾ محبت ۽ سار سنڀال جو تجربو ڪيو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ تشدد سبب گڏهه جون ٻه ڄنگهون ڀڄي پيون هيون، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
گڏهه کي علاج لاءِ ڪراچي جي سي ڊي آر ايس بينجي شيلٽر هوم منتقل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.