سخت گرمي ۾ موبائل کي ”اوور هيٽ“ ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي؟

اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ اسمارٽ فونز اسان جي روزمره جي زندگي جو لازمي حصو بڻجي چڪا آهن، پر سخت گرم موسم ۾ موبائل فون گهڻو گرم (اوور هيٽ ) ٿيڻ جو مسئلو به رهندو آهي جيڪو گهڻو ڪري ڪنهن وڏي نقصان جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

سيٽ اوور هيٽ ٿيڻ سان نه صرف موبائل جي پرفارمنس متاثر ٿيندي آهي پر بيٽري جي لائف به گهٽجي ويندي آهي، گهڻو ڪري وري باهه لڳڻ جو خطرو هوندو آهي.

موبائل کي اوور هيٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هيٺ ڏنل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري سگهجي ٿو.

• فون کي سج جي تپش کان پري رکيو وڃي

پنهنجي موبائل فون کي سدائين سج جي تپش کان پري رکندا ڪريو، خاص طور تي گرمين جي موسم ۾ اهو احتياط انتهائي ضروري هوندو آهي، سج جي تپش سان موبائل ۾ گرمي پد وڌي ويندو آهي.

• فون جو ڪور هٽائي ڇڏيو

موبائل جا ڪجهه ڪور اهڙا هوندا آهن جيڪي بلڪل به هن کي هوا لڳڻ ناهن ڏيندا، جنهن ڪري اوهان جو موبائل جلد گرم ٿي ويندو آهي، انڪري موبائل فونز لاءِ سنهڙن ڪورز جو استعمال ڪيو وڃي ۽ ڪور کي ٿڌو رکڻ لاءِ موبائل مان هٽايو ويندو رهي.

• وڌيڪ پروسيسر وارين اپليڪيشنز جو استعمال گهٽايو وڃي

سخت گرمي ۾ اهڙين اپليڪيشنز جو استعمال ۽ ٽاسڪ ڪرڻ سان پرهيز ڪيو، جن لاءِ وڌيڪ پروسيسنگ پاور جي ضرورت هوندي آهي، گيمنگ، وڊيو اسٽريمنگ يا ڊگهي دورانيي لاءِ جي پي ايس نيويگيشن جي استعمال سان موبائل تيزي سان گرم ٿيندي آهي.

• غير ضروري فيچرز بند رکو

ضرورت نه هجي ته واءِ فاءِ، بليوٽوٿ ۽ جي پي ايس جهڙن فيچرز کي فوري بند ڪري ڇڏيو، اهي فيچرز موبائل کي تيزي سان گرم رکڻ جو سبب بڻجندا آهن، ڇو ته کين مسلسل سگنل ۽ ڊيٽا جي ضرورت هوندي آهي.

• اي سي جو استعمال ڪيو

جيڪڏهن ممڪن هجي ته سمارٽ فون کي ٿڌي ماحول جهڙوڪ اي سي واري ڪمري ۾ استعمال ڪيو، پنهنجي فون کي اس ۾ بيٺل ڪار ۾ ڇڏڻ کان پرهيز ڪيو، جتان گرمي پد تيزي سان وڌي ويندو آهي.
Mobiles Iphone Apple

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.