ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بعد زمبابوي جو دورو ڪندي، اهڙي ۾ ڀارتي بورڊ طرفان نئين هيڊ ڪوچ جو نالو سامهون آيو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بعد ڀارتي ٽيم جو هاڻوڪو هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ پنهنجي عهدي تان هٿ کڻي ويندو، سندس جاءِ تي ڀارتي بورڊ اڳوڻي اوپنر گوٿم گمڀير جو انٽرويو به ڪري ورتو هو، پر هاڻي اهي خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته هو زمبابوي جي سيريز دوران ذميواريون نه سنڀاريندو.
ذريعن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن گوٿم گمڀير جي ايندڙ ڪوچ بڻايو به وڃي ٿو ته ان باوجود به هو ٽيم سان زمبابوي نه ويندو، ان جي جاءِ تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي چيف وي وي ايس لڪشن ڀارتي ٽيم جو هيڊ ڪوچ طور زمبابوي ٽيم سان گڏ زمبابوي روانو ٿيندو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب گوٿم گمڀير ۽ بي سي سي آءِ وچ ۾ ڀارت جي هيڊ ڪوچ جي عهدي جي معاملن جو فائنل فيصلو لڳ ڀڳ ٿي چڪو آهي.
India HeadCoach GautamGambhir
You might also like